تاريخ سنڌ

تاريخ سنڌ

تاريخ سنڌ8

تاريخ سنڌ8 (ڪتاب ):تاريخ سنڌ جي نالي سان هي ڪتاب، ڪرائون سائيز جي 424 صفحن تي مشتمل، محمد ابراهيم انصاريءَ جو لکيل آهي، جيڪو عجائب اسٽورز سکر پاران ڪرائون سائيز ۾ 1977ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن جي قيمت 12 رپيا آهي. هن ڪتاب جي پهرئين باب ۾ ’سنڌ‘ جي نالي، قديم حدن، سنڌ جي قديم قومن، موجوده حدن، ايراضيءَ، آدمشماري ۽ قدرتي حصن جو ذڪر آهي. جڏهن ته ٻئي باب کان سترهين باب تائين، عرب دور کان وٺي ڪلهوڙن جي دور تائين جي تاريخ بيان ڪيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو